اسپتال جو بل ڏيڻ لاءِ ماءُ تازو ڄاول ٻار وڪڻي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست يو پي جي فيروزآباد واري علائقي ۾ هڪ افسوسناڪ واقعي دوران اسپتال جو بل ادا ڪرڻ جا پيسا نه هجڻ ڪري ماءُ پنهنجي تازي ڄاول ٻارڙي کي وڪرو ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اهڙو واقعو يوپي جي فيروز آباد ۾ پيش آيو، جٿي هڪ پرائيويٽ اسپتال جي آپريٽر دلال سان ملي ڪري تازي ڄاول ٻارڙو گواليار جي رهواسي بي اولاد شخص کي وڪرو ڪيو.
پوليس موجب غربت سبب والدين اسپتال جو بل ڏيڻ لاءِ ٻار کي وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿيا، تازي ڄاول ٻار کي وڪرو ڪرڻ واري معاملي جو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.