بنگلاديش ۾ قهر جي گرمي، 76 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ۾ گرمي جو 76 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو.
بنگلاديشي خابرو اداري موجب شديد گرمي سبب هلندڙ هفتي تعليمي ادارا ۽ مدرسا بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي جي وارننگ باوجود تعليم کاتي سومر ڏهاڙي تائين تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان ڪيو.
بنگلاديش جي تعليم کاتي چيو آهي ته شديد گرمي سبب تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي اسيملبي نه ٿيندي.
بنگلاديشي موسميات کاتي اڃا به شديد گرمي جي لهر رهڻ جا امڪان ظاهر ڪيا آهن.
گذريل هڪ هفتي دوران ڍاڪا ۾ وڌ ۾ وڌ ٽيمپريچر 45 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.