محمد اچڪزئي جا گرفتاري وارنٽ معطل

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي چيئرمين محمود خان اچڪزئي جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪيا ويا آهن.
جڊيشل مئجسٽريٽ گذريل ڏينهن محمود خان اچڪزئي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا، گرفتاري وارنٽ ۾ پوليس کي هدايت ڪئي وئي هئي ته محمود اچڪزئي کي گرفتار ڪري اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.
اڄ جاچ آفيسر طرفان عدالت کي ٻڌايو ويو ته محمود اچڪزئي طرفان گرفتاري وارنٽ تي عمل ناهي ٿي سگهيو.
عدالت محمود اچڪزئي جا گرفتاري وارنٽ ايندڙ ٻڌڻي تائين معطل ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 31 مئي مقرر ڪري ڇڏي.
ياد رهي ته ضلعي انتظاميا پاران محمود اچڪزئي خلاف يارنهن مارچ جي سرڪاري ڪم ۾ مداخلت جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.