حڪومت جو ڀارتي ٽيم جي چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرڪت بابت موقف سامهون اچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ڀارت کي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان پنهنجي ٽيم موڪلڻ گهرجي ڇو ته پاڪستان پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت اُماڻڻ لاءِ تيار آهي.
بين الصوبائي رابطا ( آءِ پي سي ) جي وزير احسن اقبال پاڪ-ڀارت راندين جي حوالي سان نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته راندين کي سياست کان ڌار رکڻ گهرجي، ماضيءَ ۾ پاڪ-ڀارت ۾ ڇڪتاڻ رهيو پر اِهو راندين تي اثرانداز نه ٿيو.
هن چيو ته ڀارت کي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پنهنجي ٽيم پاڪستان موڪلڻ گهرجي، پاڪستان پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت موڪلڻ لاءِ تيار آهي، وڙهڻ بدران ڀارت ۽ پاڪستان کي تعليم، راندين ۽ صحت جي شعبن ۾ مقابلو ڪرڻ گهرجي.
وفاقي وزير چيو ته بدقسمتيءَ سان پاڪستان ۾ راندين کي نظرانداز ڪيو ويوآهي، پاڪستان اسپورٽس بور به راندين کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ناهي ڪيو، جڏهن ته حڪومت راندين کي خاص ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.