ڪنوار بدران هانيا عامر کي گُهوري ڏسندڙ گهوٽ تي ڇتي تنقيد

لاهور (ويب ڊيسڪ) اداڪارا هانيا عامر ۽ زويار نعمان طرفان تازو ئي هڪ شادي تقريب ۾ شرڪت جون وڊيوز ۽ تصويرون وائرل ٿيل آهن.
شادي تقريب ۾ گهوٽ کي پنهنجي ڪنوار ۽ اداڪارا هانيا عامر سان گڏ تصويرن ۽ وڊيوز ۾ ڪنوار بجاءِ اداڪارا تي ڌيان ڏيندي ڏٺو ويو.
شادي جي وائرل وڊيو ۾ زويار نعمان سميت ٻين ڪيترن ئي شوبز شخصيتن ۽ سوشل ميڊيا انفلوئسرز کي ناچ ڪندي به نظر آيا.
تقريب ۾سينئر اداڪار سهيل احمد خان به گهوٽ ۽ ڪنوار سان تصويرون ڪڍرايون پر اداڪارا هانيا عامر تقريب ۾ توجه جو مرڪز رهي.
وائرل وڊيو ۾ گهوٽ پنهنجي ڪنوار کي نظرانداز ڪري اداڪارا هانيا عامر ڏي گهوري ڏسندو رهيو، جنهن تي اداڪارا به پريشان نظر آئي.
وڊيو وائرل ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا جي واهپيدارن گهوٽ کي شديد تنقيد جو نشانو بڻائيندي دلچسپ تبصرا ڪيا.
واهپيدارن لکيو ته هي پهريون گهوٽ آهي جيڪو شادي واري ڏينهن به پنهنجي ڪنوار کي نظرانداز ڪري هانيا عامر کي ترجيح ڏئي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.