عدليا مڪمل طور آزاد هئڻ گهرجي، اهڙو نظام جوڙيو وڃي جيڪو ڪنهن جي ماتحت نه هجي: جسٽس منصور

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته آئين موجب عدليا مڪمل طور آزاد هئڻ گهرجي ۽ هڪ اهڙو شفاف نظام بڻائڻ جي ضرورت آهي جيڪو ڪنهن فرد جي ماتحت نه هجي.
لاهور ۾ عاصمه جهانگير ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته عدالتن ۾ چويهه لک ٻڌڻي هيٺ آهن ۽ جيڪڏهن آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ ٽيڪنالوجي جو استعمال نه ڪيو ويو ته ڪيسَ اڪلائڻ ۾ ويهه سال لڳي ويندا.
سندس چوڻ هو ته جيڪو جج ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهي تنهن کي گهر ڀيڙو ڪرڻو پوندو.
هن چيو ته درخواستگذارن جي چوڻ تي ته هي ڪيس فلاڻي جج وٽ لڳايو ڇو ته مرضي موجب نتيجو گهرجي، ائين نٿو ٿي سگهي.
هن چيو ته عدالتن کي شفاف ڪيس مئنيجمينٽ سسٽم جي ضرورت آهي ته جيئن ڪيس شفاف طريقي سان الاٽ ٿي سگهن.
سندس چوڻ هوته عدليا جي تاريخ مان گهڻو نه آهيان، دنيا ۾ اسان جي عدليا بابت ڊيٽا ڳڻتي جوڳي آهي، ڪجهه اهڙو ٿي ويندو آهي جنهن سبب عدليا تي تنقيد ٿيندي آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ چار هزار جج آهن جنهن مان ٽي هزار ڪم ڪري رهيا آهن، پاڪستان جي آبادي 231 ملين، ان حساب سان في ملين 13 جج آهن، جڏهن ته دنيا ۾ سراسري طور في ملين آباديءَ تي 90 جج آهن، عالمي معيار في ملين آبادي تي 90 جج کي اختيار ڪيو وڃي ته پاڪستان کي 21هزار جج گهربل آهن.
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته پاڪستان ۾ ٿوري ٿوري ڳالهه تي هڙتالون ٿين ٿيون، ڪرڪيٽ ميچ هارائڻ تي اسٽرائيڪ ٿئي ٿي ماڻهو ڍور ڍڳا وڪڻي انصاف لاءِ عدلتن جو در کڙڪائيندا آهن، هڙتال ۾ ڪنهن شخص کي عدالت اچڻ لاءِ قيمت چڪائڻي پوندي آهي ان جو احساس ڪريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.