ملڪ ۾ سون سوين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) مسلسل واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ معمولي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 6 سئو رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 44هزار 4 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 514 رپيا لاٿ کانپوءِ 2 لک 9 هزار 534 رپيا آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون ڇهه ڊالرز سستو ٿيڻ کانپوءِ 2317 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.