تصوير ڏسي شاعري لکي ڏيندڙ ڪيمرا اچي وئي

سائنسدانن مصنوعي ذهانت جو استعمال ڪندي هڪ اهڙو ڪيمرا تيار ڪيو آهي جيڪو تصوير کي شاعري ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو، ”پوئٽس ڪيمرا“ نالي اهڙو ڪيمرا اي آءِ جي مدد سان تصوير ۽ پرڪشش منظرن کي تصوير ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو.
رپورٽ موجب اهو ڪيمرا هڪ پولرائزڊ ڪيمرا جهڙي آهي، پر اها روايتي ڪيمري وانگي تصوير ٺاهڻ بجاءِ ڪيمري جي سينسر ۾ بند ڪيل عقس کي مدنظر رکندي شاعري لکي ڏيندي.
ڪيمري ۾ هڪ سنگل بورڊ ڪمپوٽر نصب ٿيل آهي، جيڪو تصوير جي سڃاڻپ جي صلاحيت رکندو آهي، ڪيمري ذريعي عڪس ٿيل منظرن کي تجزيي ۽ تصوير ۾ موجود رنگن ۾ فرق ۽ منظر جي عڪاسي ڪندي شاعري لکڻ بعد اهي لفظ تصوير تي پرنٽ ڪيا ويندا آهن.
ڪيمرا ٺاهيندڙ ڪمپني موجب ان ڊيوائس جو اوپن سورس ڪوڊ ڪيمري جي شاعري کانسواءِ ٻين ڪيترن ئي طريقن جون تحريرون جيئن آزاد نظم ۽ نثر انداز ۾ لکڻ جي صلاحيت به ڏيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.