آبادگارن جو شڪايتن جو نوٽيس، وزيراعظم پاران حڪومت کي ڪڻڪ جي خريداري جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف ڪڻڪ جي اگهه بابت آبادگارن جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي وقافي حڪومت کي هارين کان ڪڻڪ جي فوري خريداري جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
وزيراعظم شهباز شريف وفاقي حڪومت جو ڪڻڪ خريداريءَ جو هدف 14 لک ٽن مان وڌائي 18 لک ميٽرڪ ٽن ڪري ڇڏيو ۽ پاسڪو کي ڪڻڪ خريداري جو هدف وڌائڻ سان گڏ آبادگارن کي فوري طور تي خريداري يقيني بڻائڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.
ان کانسواءِ وزيراعظم ڪڻڪ جي خريداري لاءِ پاسڪو کي شفافيت ۽ آبادگارن جي سهولت کي ترجيح ڏيڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.
واضح رهي ته پنجاب حڪومت في مڻ ڪڻڪ جو اگهه 3900 رپيا مقرر ڪيو آهي جڏهن ته آبادگارن جو چوڻ آهي ته حڪومت طرفان ڪڻڪ جو اگهه مقرر ڪرڻ باوجود ڪڻڪ جو ريٽ 32 سئو رپيا ملي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.