انٽرنيٽ ڪيبل ۾ خرابي سبب پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ سروس سست

سنگاپور کان پاڪستان ۽ يورپ کي ملائيندڙ فائبر آپٽيڪل انٽرنيٽ ڪيبل ۾ خرابي سبب پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي سروس سست ٿي وئي.
خابرو اداري موجب سنگاپور کان پاڪستان ۽ يورپ کي ملائيندڙ فائبر آپٽيڪل ڪيبل انڊونيشيا ويجهو ڪٽجي وئي آهي.
آپٽيڪل فائبر ميرين ڪيبل تي پنج ڪٽ لڳا آهن، جنهن ڪري ملڪ ۾ انٽرنيٽ واهپيدارن کي سروس جي استعمال ۾ مشڪلاتون آهن.
فائبر ڪيبل ڪٽجڻ سان پاڪستان ۾ پي ٽي سي ايل ۽ ٽرانس ورلڊ جي ٽريفڪ متاثر ٿي رهي آهي.
پاڪستاني واهپيدارن شام جي وقت انٽرنيٽ سرچ برائوزر ۽ سرچ ڪرڻ مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.