هڪ مافيا آهي جيڪا نٿي چاهي ته ڪراچي ۾ ڪم ٿين: ميئر ڪراچي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته هڪ مافيا آهي جيڪا نٿي چاهي ته ڪراچي ۾ ڪم ٿين، اسان کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته عدالتن جو حڪم آهي ته حددخليون هٽايون وڃن، مشينري ۽ ماڻهو به گهربل هوندا جن کي پگهارون ڏيڻيون پونديون آهن.
اسان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ٽيڪس ڏيون ٿا ڪي ايم سي کي 50 رپيا ڏيڻ سان نيڪاسي وارا نالا صحيع ٿيندا فوت پاٿ ٺهندا ۽ ڪيترا ئي ڪم ٿيندا .
هن چيو ته سي اين جي وارين گرين بسن کي ڊيزل تي منتقل ڪيو آهي. اسانجو ٽارگيٽ آهي ته 60 بسون پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ ڊريعي ڪراچي آنديون وڃن.
سندس چوڻ هو ته رينجرس جي هيڊڪواٽر اڳيان حد دخليون آهن يا نه ان بابت ڄاڻ ناهي. ….

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.