چين پاران آمريڪا ريڊ لائنز ڪراس نه ڪرڻ جو پيغام

چين آمريڪا کي ريڊ لائنز ڪراس نه ڪرڻ بابت خبردار ڪندي واضح پيغام ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته چين ۽ آمريڪا جا لاڳاپا مستحڪم ٿيڻ شروع ٿي رهيا آهن پر آمريڪي رويي سبب ڪجهه ناڪاري عمل موجود آهن.
بيجنگ ۾ چيني پرڏيهي وزير وانگ يي جي آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن سان ملاقات ٿي.
انٽوني بلنڪن وانگ يي سان 5 ڪلاڪ ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران آمريڪا به خبردار ڪيو ته ٻئي ملڪ يا ته استحڪام ڏانهن اڳتي وڌي سگهن ٿا يا وري صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي، اهڙي صورتحال امڪاني طور تي ٽڪراءَ جو سبب بڻجندي.
چيني پرڏيهي وزير وانگ چيو ته چين جون ڪجهه ريڊلائنز آهن جن کي آمريڪا پار نه ڪري. چين جي ترقي کي غير منصفاڻي طور تي روڪيو ويو آهي ۽ اسان جا بنيادي مفاد خطري ۾ آهن….

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.