سپريم ڪورٽ جو سڄي ملڪ مان روڊن ۽ فٽ پاٿن تان حددخليون ختم ڪرڻ جو حڪم

حيدرآباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ سڄي ملڪ مان روڊن ۽ فٽ پاٿن تان حددخليون ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اعليٰ عدالت ڪراچي حددخليون ڪيس جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت حڪم نامي جي ڪاپي اٽارني جنرل، سڀني ايڊووڪيٽ جنرلز ۽ سرڪاري ادارن کي موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ٽن ڏينهن ۾ روڊن ۽ فٽ پاٿن تان حددخليون ختم ڪري، لاڳاپيل ادارا قبضو ڪندڙن جي خرچ تي حددخليون ختم ڪن.
حڪم نامي ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل، ايڊووڪيٽ جنرل ۽ ڪي ايم سي جي وڪيل کي عملدرآمد رپورٽ پيش جي هدايت ڪئي وئي آهي.
سپريم ڪورٽ جو چوڻ هو ته بدقسمتي سان روڊن تي قبضا ۽ حددخليون آهن، قبضو ڪندڙ سمجهي ٿو ته سندس پنهنجي پراپرٽي سامهون قبضو ڪرڻ ان جو حق آهي.
حڪم نامي ۾ لکيو ويو آهي ته ماڻهو فٽ پاٿن تي جنريٽرز هڻي ڇڏيندا آهن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن به حددخليون ڪيون آهن.
فيصلي ۾ لکيو ويو ته شهرين جي آزاداڻي چرپر روڪڻ جو اختيار ڪنهن وٽ ناهي، سرڪار جي خرچن لاءِ ٽيڪس ڏيندڙ عوام جا حق ڪير نٿو کسي سگهي….

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.