گڏيل عرب رياستن ۾ برسات سبب متاثر گهرن جي مرمت لاءِ وڏو اعلان

ابوظهبي ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل عرب امارات ۾ گذريل هفتي برساتن سبب متاثر ٿيل گهرن جي مرمت لاءِ 2 ارب درهم امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي.
نائب صدر، وزيراعظم ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ چيو ته اسان تيز برساتن کي منهن ڏيڻ بعد گهڻو ڪجهه سکيو آهي. شهرين جي گهرن کي ٿيل نقصان جي ازالي لاءِ 2 ارب درهم جي منظوري ڏني وئي آهي.
اهو اعلان امارات ۾ برسات جي هڪ هفتي کانپوءِ آيو آهي
هن چيو ته هڪ وزارتي ڪميٽي کي اهو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي جڏهن ته معاوضو وفاقي ۽ مقامي اختيارين جي سهڪار سان ادا ڪيو ويندو.
ڪابينا انفراسٽرڪچر کي نقصان جو جائزو وٺڻ ۽ حل تجويز ڪرڻ لاءِ هڪ ٻي ڪميٽي پڻ جوڙي آهي،
ياد رهي ته تيز برسات سبب دبئي ايئرپورٽ تان 21 سئو کان وڌيڪ اڏامون معطل ۽ 115 جو روٽ تبديل ڪيو ويو هو……

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.