نڪاح نامي جي شرطن بابت سپريم ڪورٽ جو وڏو قدم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ فيصلو جاري ڪندي چيو آهي ته نڪاح نامي ۾ شرط ۽ ضابطا طئي ڪرڻ کان اڳ ڪنوار کي راضپو ظاهر ڪرڻ جي مڪمل آزادي حاصل آهي، جيڪڏهن نڪاح نامي جي شرطن ۽ ضابطن يا ڪنهن ڪالم ۾ مونجهارو يا شڪ هجي ته ان جو فائدو گهرواري کي ڏنو ويندو.
جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس اطهر من الله تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ نڪاح نامي ۾ داخل پلاٽ لاءِ ڪنوار جو حق مقرر ڪرڻ جي معاملي تي تفصيلي فيصلو جاري ڪيو، 10 صفحن تي ٻڌل فيصلو جسٽس اطهر من الله لکيو آهي.
فيصلي موجب جيڪڏهن نڪاح نامي جي شرطن ۽ ضابطن يا ڪنهن انٽري يا ڪالم ۾ مونجهارو يا شڪ هجي ته ان جو فائدو گهرواري کي ملندو.
تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪنوار جي بامعنيٰ مشاورت بنا نڪاح نامي جا ڪالم ٻيو ڪو ڀَري ته ان کي ڪنوار جي مفاد جي خلاف يا ان جي حقن جي خلاف استعمال نٿو ڪري سگهجي، اهو طئي ٿيل قانون آهي ته معاهدي ۾ ڪو شڪ هجي ته ڌرين جي اصل ارادي سان طئي ڪيو ويندو آهي.
فيصلي موجب عدالتن کي نڪاح نامي جي شرطن ۽ ضابطن جي تشريح ڪرڻ کان اڳ ان ڳالهه کي به نظر ۾ رکڻ گهرجي ته ڇا نڪاح نامي ۾ شرط ۽ ضابطا طئي ڪرڻ کان اڳ ڪنوار کي رضامندي ظاهر ڪرڻ جي مڪمل آزادي هئي؟
سپريم ڪورٽ لکت فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ڪنهن شڪ کي ان وقت تائين گهرواري خلاف استعمال نٿو ڪري سگهجي، جيستائين امڪانن جي توازن کي ان اصول تائين جاچيو نه وڃي.
واضح رهي ته 2022 ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ هما سعيد نالي عورت جي حق ۾ فيصلو ڏنو هو، جنهن مئي 20214 ۾ محمد يوسف سان شآدي ڪئي هئي.
محمد يوسف آڪٽوبر 2014 ۾ پنهنجي گهرواري هما سعيد کي طلاق ڏئي ڇڏي هئي، پوءِ هن سپريم ڪورٽ ۾ فيصلي کي ان بنياد تي چئلينج ڪيو هو ته نڪاح نامي جي ڪالم نمبر 17 ۾ ڄاڻايل پلاٽ کي مهر يا تحفي طور نٿو ڏئي سگهجي.
درخواستگذار اپيل ڪئي ته ڪالم نمبر 17 جو عنوان ”خاص شرط“ ٻين ڪالمن کان الڳ آهي، جيڪي خاص طور ڏاج جا شرط طئي ڪرڻ جي مقصدن لاءِ فراهم ڪيا ويا آهن.
سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي لکت بيان ۾ محمد يوسف اپيل ڪئي ته پلاٽ هڪ گهر جي تعمير لاءِ هو ۽ گهرواري کي شادي جي مدي تائين اتي رهڻو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.