اداڪارا مديحا رضوي ٻي شادي ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فلم انڊسٽري جي ليجنڊري اداڪارا ديبا بيگم جي ڌيءَ اداڪارا مديحا رضوي ٻي شادي ڪري ڇڏي.
انسٽاگرام تي مديحا جي ٻي شادي جون تصويرون گردش ڪري رهيون آهن، جن کي ڏسندي ئي سندس پرستار به حيران ٿي ويا آهن.
اداڪارا جي شادي جون وائرل ٿيندڙ تصويرن ۾ جوڙي کي نڪاح نامي تي صحيح ڪندي ڏٺو ويو.
واضح رهي ته اداڪارا جي نئين مڙس بابت تفصيل ته سامهون ناهن آيا پر اطلاع آهن ته هو ڪراچي سان واسطو رکندڙ آهي.
ياد رهي ته اداڪارا مديحا رضوي اڳوڻي مڙس اداڪار حسن نعمان نومبر 2022ع ۾ طلاق ورتي هئي، اداڪارا کي پهرين شادي بعد ٻن ڌيئرن جي پيدائش ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.