ثنا مير لاءِ هڪ ٻيو وڏو اعزاز

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پاڪستاني ليجنڊ ڪرڪيٽر کي سفير مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي ثنا مير کي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڪواليفائر جي سفير مقرر ڪيو آهي.
ثنا مير 137 عالمي ميچن ۾ پاڪستان جي ڪپتاني ڪئي آهي ۽ هاڻ هوءَ 10 ٽيمن جي ٽورنامينٽ جي نگراني ڪندي، جتي ٻه فائنلسٽ بنگلاديش ۾ ٿيندڙ وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون.
ان حوالي سان ثنا مير چيو ته آءِ سي سي ايونٽ جي سفير بڻجڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.