بنا اجازت ٻي شادي تي مڙس کي ٻڌايل سزا معطل

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي سيشن جج بنا اجازت ٻي شادي تي مڙس کي ٻڌايل ٽن مهينن جي سزا معطل ڪري ڇڏي.
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سيد بادشاهه مڙس جي دخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
اپيل ڪندڙ جي وڪيل چيو ته فيملي ڪورٽ ٽي مهينا قيد ۽ 5 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي، فيملي ڪورٽ جي سزا شريعت جي خلاف آهي.
وڪيل چيو ته عورت پاڻ شڪايت نه ڪئي هئي پر ڀاءُ ذريعي شڪايت ڪئي وئي، عدالت کي اپيل آهي ته حتمي فيصلي تائين سزا معطل ڪئي وڃي، جنهن تي سيشن جج سزا معطل ڪندي سزا خلاف مڙس جي اپيل تي منع نامو جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي سزا معطل ڪري رڪارڊ طلب ڪري ورتو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 30 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.