الخدمت فائونڊيشن غزا رليف مشن تحت 100 شاگردن کي مفت تعليم ۽ رهائش جي فراهمي

لاهور (پ ر) الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جو غزا رليف مشن جاري آهي ۽ 100 فلسطيني شاگردن کي پاڪستان ۾ اسڪالرشپ فراهم ڪئي ويندي، نجي يونيورسٽي ۽ فلسطيني سفارتخاني جي ڀائيواري سان مفت هائير ايجوڪيشن، رهائش ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وينديون.
وفاقي تخت گاهه جي يونيورسٽي ڪميپس ۾ ٿيل پروقار تقريب جي موقعي تي الخدمت جي صدر پروفيسر ڊاڪٽر حفيظ الرحمان، وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيس احمد ۽ فلسطيني سفير احمد جواد ربيع مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون.
چانسلر حسن محمد خان، مرڪزي سيڪريٽري الخدمت سيد وقاص جعفري، ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ڊاڪٽر احمد جبران بلوچ سميت فيڪلٽي ميمبر ۽ معزز تقريب ۾ شريڪ ٿيا.
مفاهمتي يادداشت تي صحيحن موجب فلسطيني سفارتخانو 100 شاگردن کي پاڪستان آڻيندو، جتي نجي يونيورسٽي انهن شاگردن کي مفت تعليم فراهم ڪندي، جڏهن ته الخدمت شاگردن لاءِ رهائش ۽ ٻين بنيادي ضرورتن جو انتظام ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.