”سنڌ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان“پرچو آئوٽ ٿيڻ تي چيئرمين خلاف ڪارروائي جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي مختلف تعليمي بورڊز جي نگراني هيٺ ٿيندڙ ميٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن جا شيڊول جاري ڪندي پرچو آئوٽ ٿيڻ تي بورڊ جي چيئرمين خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو.
ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان مئي ۾ ٿيندا، امتحاني سينٽرن جي چوڌاري قلم 144 ۽ سينٽرن ۾موبائل فون کڻي اچڻ تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
تعليم واري وزير سيد سردار شاهه ۽ يونيورسٽيز ۽ بورڊز جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ايندڙ مهيني کان شروع ٿيندڙ ميٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن جي انتظامن جي حوالي سان جائزو ورتو ويو.
اجلاس ۾ سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز نور احمد سمون، سيڪريٽري اسڪول اينڊ ايجوڪيشن زاهد عباسي سميت ٻيا عملدار شريڪ ٿيا.
اجلاس ۾ بورڊ جي سربراهن طرفان ايندڙ مهيني امتحانن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ آگاهي ڏني وئي ته ميٽرڪ جا امتحان مئي جي پهرئين هفتي ۽ جڏهن ته انٽرميڊيٽ جا امتحان مئي جي آخري هفتي ۾ ورتا ويندا.
ڪراچي ۾ ميٽرڪ جا 250 امتحاني سينٽر قائم ڪيا ويندا، جن ۾ 350،198 اميدوار امتحان ڏيندا، ڪراچي ميٽرڪ جي امتحانن لاءِ سرڪاري اسڪولن جا 73،724 جڏهن ته نجي اسڪولن جا 276،474 اميدوار امتحانن ۾ حصو وٺندا.
اجلاس ۾ حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظيرآباد، لاڙڪاڻو، ۽ سکر بورڊ جي اختيارين به بريفنگ ڏني.
صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو ته سنڌ حڪومت هن معاملي تي سنجيدگي سان ڪم وٺي پئي، امتحاني نظام ۾ هر صورت بهتري ايندي، امتحانن دوران سيڪيورٽي جا سخت انتظامن لاءِ گهرو کاتي کان مدد گهري ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.