” ووٽ کي عزت ڏيو وارو نعرو دفن ٿي ويو“ ياسمين راشد جو چيف جسٽس کي خط

لاهور ( ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد اليڪشن ڪميشن واري معاملي تي چيف جسٽس کي خط لکي ڇڏيو.
چيف جسٽس جي نالي لکيل خط ۾ ياسمين راشد چيو ته ننڍي چونڊ ۾ تاريخي ڌانڌلي ٿي، هن دفعي دٻن ۾ جعلي ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا ۽ ننڍي چونڊ ۾ ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو دفن ٿي ويو.
خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اٺ فيبروري تي کين اندازو نه هيو ته ماڻهو عمران خان کي ووٽ ڏيڻ لاءِ لکن جي انگ ۾ نڪرندا، ايڏي ظلم باوجود ماڻهو نڪتا ۽ تحريڪ انصاف کي ڪامياب ڪرايو.
پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ن ليگ کي مجبورن پنهنجي ساٿين گڏ فارم 47 جو سهارو وٺي حڪومت ٺاهڻي پئي، عوام سان ڪيترو ظلم ڪندا، اليڪشن ڪميشن ٻانهي بڻيل آهي، پاڪستان ۾ عزت اٿن نه ٻاهرين ملڪ ۾ .
ياسمين راشد پنهنجي خط ۾ چيف جسٽس کان ان معاملن جو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ باني عمران خان به چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي نالي چئن صفحن تي ٻڌل هڪ خط لکيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.