ايڪس طرفان سمارٽ ٽي وي اپليڪيشن آڻڻ جون تياريون شروع

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) سماجي رابطن واري ويبسائيٽ ”ايڪس“ سمارٽ ٽي وي استعمال ڪندڙ واهپيدارن لاءِ اپليڪيشن آڻڻ جي تياري ڪري رهي آهي.
ايڪس جي چيف ايگزيڪوٽو آفيسر لنڊا يا ڪارينو هڪ ٽويٽ ۾ ٻڌايو آهي ته جلد ئي ڪمپني واهپيدارن جي سمارٽ ٽي وي لاءِ هڪ ٽي وي اپليڪيشن سان گڏ ڪانٽينٽ به متعارف ڪرائڻ وڃي پئي، اهڙي طرح واهپيدار وڏي اسڪرين تي معياري تفريح حاصل ڪري سگهندا.
ڪمپني جو چوڻ هو ته سمارٽ ٽي وي لاءِ هڪ ايپ ٽريننگ وڊيو جي الگوردم جو استعمال ڪندي ته جيئن واهپيدار مشهور مواد کان اپڊيٽ رهي سگهن، واهپيدار ايپ جو استعمال ڪندي موبائيل ڊيوائس کي وڏي اسڪرين تي ڪاسٽ ڪري سگهندا.
ياد رهي ته 2022ع ۾ ايلون مسڪ ايڪس کي 44 ارب ڊالرز ۾ خريد ڪيو هو، جنهن کان بعد پليٽ فارم ڪانٽينٽ پاليسين، برانڊنگ ۽ الگوردم ۾ تبديليون ڪيون ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.