ننڍپڻ ۾ اسڪول ۾ پادر کائيندڙ شاگرد جو وڏو ٿي استادن کان انوکو پلاند

انقرا ( ويب ڊيسڪ ) ترڪيه جي مشهور اداڪار پنهنجي ننڍپڻ جي هڪ واقعي تي اسڪول ۽ استادن پلاند وٺڻ لاءِ انوکو طريقو اختيار ڪيو جنهن سبب مٿس ڇتي تنقيد ڪئي پئي وڃي.
اداڪار چاگلار ارطغرل هڪ اسڪول جي ملبي جي تصوير جاري ڪئي جيڪو هن خريد ڪرڻ کانپوءِ مسمار ڪري ڇڏيو.
اداڪار موجب، هو ننڍپڻ ۾ ان اسڪول ۾ پڙهيو هو تڏهن سندس استادن کيس ڪيئي ڀيرا سبق ياد نه هئڻ سبب مارڪٽ ڪئي.
اداڪار پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تان هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هڪ تباهه ٿيل اسڪول جو ملبو نظر اچي رهيو آهي.
پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ هن لکيو ته هن استادن کان ننڍپڻ ۾ ساڻس ٿيل زيادتي جو بدلو ورتو آهي جيڪي اسڪول ۾ ۾ پڙهائي دوران مارڪٽ ڪندا هئا.
ترڪ اداڪار جي اهڙي پوسٽ سامهون اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي باهه ٻري وئي ۽ مختلف واهپيدار سندس اهڙي عمل خلاف ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.