رضوان جي انجريءَ بابت اهم خبر سامهون اچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان جي هيمسٽرنگ انجري جو معاملو ڊيگهه اختيار ڪري ويو.
ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ميڊيڪل پئنل کي محمد رضوان جي اسڪين رپورٽ وصول ٿي وئي آهي، پئنل انجري جي نوعيت جاچڻ لاءِ برطانيا ۾ ڊاڪٽرن سان رابطو ڪيو آهي.
اطلاعن موجب رضوان جي انجري سنجيده نوعيت جي آهي، جنهن سبب هو نيوزيلينڊ خلاف سيريز کان ٻاهر ٿي سگهي ٿو.
ڪيويز خلاف سيريز جي ٽين ميچ دوران رضوان ڄنگهه جي انجري جو شڪار ٿي رٽائرڊ هرٽ ٿي ويو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن محمد رضوان کي 2 کان 4 هفتا آرام ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.