عمران خان جي خاص مددگار رهندڙ تانيا ايدروس ڊجيٽل پاڪستان ڪميٽي جي ڪنوينر مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت ڊجيٽل پاڪستان ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي،تانيا ايدروس کي ڪميٽيءَ جو ڪنوينر مقرر ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي منظوري سان آءِ ٽي وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو جنهن موجب، تانيا ايدروس ٻيهر ڊجيٽل پاڪستان ڪميٽي جو حصو بڻجي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزا فاطما خواجا ڪميٽي جي سربراهه هوندي، جڏهن ته تانيا ايدروس کي ڪميٽيءَ جو ڪنوينر مقرر ڪيو ويو آهي.
ان کانسواءِ آءِ ٽي وزارت جو سيڪريٽري به ڪميٽي ۾ شامل آهي، ڪميٽي پاڪستان ۾ ڊجيٽل ويجن بابت سفارشون مرتب ڪندي.
ياد رهي ته تانيا ايدروس اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڊجيٽل پاڪستان بابت خاص مدد گار رهي چڪي آهي، تانيا مبينا طور ٻٽي شهريت تي تنقيد کانپوءِ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي..

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.