پاڪستاني نوجوان جي محبت ۾ گرفتار فلپائني ڇوڪري اسلام قبولي ورتو

لياقت پور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني نوجوان جي محبت ۾ گرفتار فلپائني ڇوڪري اسلام قبول ڪري ورتو.
فلپائن سان واسطو رکندڙ 26 ورهين جي “چيري” 31 سالن جي پاڪستاني نوجوان “محمد سلمان” کي دل ڏئي ويٺي.
پنجاب جي علائقي لياقت پور جي رهواسي محمد سلمان گذريل اٺن سالن کان دبئي ۾ رهائش پذير آهي.
چيري جي محمد سلمان سان ملاقات دبئي ۾ ان جي ملازمت دوران ٿي، جتي ڏسندي ڏسندي ٻنهي جي دوستي محبت ۾ تبديل ٿي وئي.
محمد سلمان جي ملڪ واپسي تي سندس محبت ۾ گرفتاري چيري به پاڪستان پهتي ۽ دل هٿان مجبور ٿي اسلام قبول ڪري ورتو.
اسلام قبول ڪرڻ بعد ڇوڪري “چيري” جو نالو مٽائي “زينب” رکيو ويو ۽ بعد ۾ ٻئي عدالت ۾ نڪاح ڪري شادي جي ٻنڌڻن ۾ٻڌجي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.