اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي نئين انٽرا پارٽي چونڊن تي اعتراض لاڳو ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءِ ) جي نئين انٽرا پارٽي چونڊن تي اعتراض لاڳو ڪري ڇڏيا.
اليڪشن ڪميشن جي پولٽيڪل فنانس ونگ پي ٽي آءِ کي نوٽيس جاري ڪندي 30 اپريل تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ طرفان چار مارچ تي اليڪشن ڪميشن ۾ انٽرا پارٽي چونڊن جا تفصيل جمع ڪرايا ويا هئا.
ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊون ڪالعدم قرار ڏئي پارٽي جو چونڊ نشان واپس وٺي ڇڏيو هو.
پي ٽي آءِ طرفان ٽي مارچ تي ٻيهر انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو جنهن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر گوهر علي خان بنا مقابلي چيئرمين ۽ عمر ايوب بنا مقابلي سيڪريٽري جنرل چونڊجي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.