”عمران خان ڊيل تحت ٻاهر اچي سگهي ٿو“

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حامد خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻو وزيراعظم عمران خان ڊيل تحت ٻاهر اچي سگهي ٿو پر ائين ڪرڻ سان کيس سياسي نقصان ٿيندو.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ گفتگو ڪندي حامد خان چيو ته تحريڪ انصاف جا اندروني اختلاف مسئلو بڻجي سگهن ٿا.
ٻئي پاسي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته هو مزاحمت ناهن ڪري رهيا ۽ نه ئي مفاهمت کان انڪار ڪري رهيا آهن، ڳجهون ڳالهيون ناهن ٿي رهيون، ڳالهيون ٿيون ته ان بابت آگاهه ڪيو ويندو.
هواڏنهن سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته حڪومت پاران پي ٽي آءِ باني سان ڳالهين جو تاثر بلڪل غلط آهي، عمران خان کي حڪومت طرفان ڪا به آڇ ناهي ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.