ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي رواني برقرار رکڻ لاءِ اهم قدم کڻڻ جو فيصلو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب شهر ۾ ٽريفڪ جي رواني برقرار رکڻ لاءِ اهم قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب موجب، شهر ۾ ٽريفڪ جي رواني برقرار رکڻ لاءِ هفتيوار بنيادن تي حددخلين ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ميئر ڪراچي چيو ته بلديه عظميٰ حددخلين خلاف هفتيوار آپريشن ڪندي ۽ آپريشن جي شروعات صدر، لائيٽ هائوس، ايم اي جناح روڊ، بولٽن مارڪيٽ کان ٿيندي جڏهن ته آءِ آءِ چندريگر روڊ، نمائش، ايمپريس مارڪيٽ ۽ کارا در ۾ به آپريشن ڪيو ويندو.
هن چيو ته روڊ تي ڪيبن، ريڙهن ۽ دڪانن جي ٻاهران سامان هٽايو ويندو، شهر ۾ بنا فرق حددخلين جي خاتمي لاءِ ڪارروائيون پوري هفتي جاري رهنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.