جلدي شادي ڪرڻ تي پڇتاءُ ناهي: سدرا نيازي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي اڀرندڙ اداڪارا سدرا نيازي جو چوڻ آهي ته جلدي شادي ڪرڻ تي پڇتاءُ ناهي.
اداڪارا هڪ ويب شو ۾ بطور مهمان شرڪت ڪئي، جنهن ۾ هن انڪشاف ڪيو ته هوءَ شادي شده آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته سوشل ميڊيا تي ڪيترائي ماڻهو پنهنجي حد ڀلجي چڪا آهن، ڪيترن ئي ماڻهن کي اها خبر ناهي ته مان شادي شده آهيان، ماڻهو تنگ به ڪندا آهن پر مان پنهنجي زندگي مان خوش آهيان، انهن کي نظرانداز ڪندي آهيان.
سندس چوڻ هو ته جڏهن اداڪاري شروع ڪئي ته منهنجي فيملي ۽ سهرن لاءِ اها ڳالهه حيران ڪندڙ هئي، بعد ۾ سڀني منهنجي ڪم کي ساراهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.