گهوٽڪي ۾ ڌاڙيلن جو پوليس چوڪي تي حملو، هڪ اهلڪار شهيد،2 اغوا، هڪ ڌاڙيل به مارجي ويو

گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) گهوٽڪي ۾ ڌاڙيلن پوليس چوڪي تي حملو ڪري ڏنو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڌاڙيل مارجي ويو، هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿيو، ڌاڙيل ٻن اهلڪارن کي اغوا ڪري ويا.
پوليس موجب آندل سندراڻي واري علائقي ۾ هٿياربندن پوليس چوڪي نمبر 5 تي حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار شاهد سيال شهيد ٿيو، جڏهن ته ڌاڙيل ٻن پوليس اهلڪارن کي اغوا ڪري ويا.
پوليس پاران مقابلي ۾ هڪ ڌاڙيل جي به مارجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
واقعي کانپوءِ وڌيڪ نفري طلب ڪري مغوي پوليس اهلڪارن جي بازيابي جون ڪوششون جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.