جان محمد مهر قتل ڪيس، وڪيل غير حاضر، جوابدارن تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

سکر ( ويب ڊيسڪ ) سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ جوابدار ڌر جي وڪيلن جي غير موجودگي سبب هڪ ڀيرو ٻيهر فرد جرم لاڳو نه ڪري سگهي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عبدالرحمان قاضي جان محمد مهر قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران فريادي ڪرم الله مهر، وڪيل قربان ملاڻو، وڪيل سهيل کوسو ۽ پراسيڪيوٽر پيش ٿيا.
عدالت جوابدار ڌر جا وڪيلن پيش نه ٿيڻ تي جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ گرفتار ڇهه جوابدارن تي فرد جرم لاڳو نه ڪري سگهي.
عدالت، جوابدار ڌر جي وڪيلن کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 14 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
9 مهينا اڳ وچ شهر ۾ هٿياربندن صحافي جان محمد مهر کي فائرنگ ڪري شهيد ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.