”آبادگارن کي بارداڻو ڏيو يا ڪارروائي لاءِ تيار رهيو“ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي خوراڪ کاتي کي وارننگ

سکر ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ خوراڪ کاتي جي ڊي ايف سيز ۽ عملدارن کي سکر ڊويزن جي آبادگارن کي بارداڻو ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت رمارڪس ۾ چيو آهي تگ بارداڻو نه ڏيڻ جي صورت ۾ اينٽي ڪرپشن معرفت خوراڪ کاتي جي آفيسرن کي گرفتار ڪرائي ڪيس داخل ڪرايو ويندو.
سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي جي ويهه کان وڌيڪ آبادگارن طرفان بارداڻو نه ملڻ خلاف درخواستن جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ۽ جسٽس عبدالرحمان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي .
ٻڌڻي دوران آبادگار، ڊي ايف سي سکر دلدار ڪلوڙ ۽ ٻيا خوراڪ کاتي جا عملدار پيش ٿيا.
آبادگارن موقف اختيار ڪيو ته ڊي ايف سکر دلدار ڪلوڙ، ڊي ايف سي خيرپور، ڊي ايف سي گهوٽڪي، فوڊ جي آفيسرن ۽ انسپيڪٽرن بااثرن توڙي پئسن عيوض واپارين کي بارداڻو ڏنو آهي.
هن چيو ته ڪڻڪ جو ٻج ۽ ڀاڻ مهانگي اگهه تي ورتو، بادراڻو نه ملڻ ڪري سستي اگهه تي ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن.
جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ رمارڪس ۾ چيو ته آبادگارن جون سڀئي درخواستون منظور ڪن ٿا، کين جلد بارداڻو ڏنو وڃي.
جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ وڌرڪ رمارڪس ۾ چيو ته آبادگار سستي اگهه تي ڪڻڪ وڪرو ڪن پيا.
عدالت خوراڪ کاتي سکر ڊويزن جي ڊي ايف سيز ۽ آفيسرن کي سڀاڻي 11 وڳي تائين بارداڻو ڏيڻ جو حڪم ڏيندي چتاءُ ڏنو ته بارداڻو نه ڏيڻ جي صورت ۾ فوڊ عملدارن کي گرفتار ڪرائي ڪيس داخل ڪرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.