فوجي عدالتن وارو ڪيس: سپريم ڪورٽ لارجر بئنچ جي معاملو وري پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي کي موڪلي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن واري ڪيس جي ٻڌڻي وارو معاملو هڪ ڀيرو وري پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي ڏانهن اُماڻي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ڇهه رڪني لارجر بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران عدالت مرڪزي درخواست گذارن جي اعتراض کانپوءِ معاملو پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي کي موڪلي ڇڏيو.
ٻڌڻي دوران جسٽس مسرت هلالي اعتزاز احسن سان دلچسپ مڪالمو به ڪيو، اعتزاز احسن چيو ته سپريم ڪورٽ جڏهن هڪ معاملي کي طئي ڪري ڇڏي ته ان کي ڇيڙي نٿو سگهجي، شينهن کي پنهنجي طاقت جو اندازو نه هوندو.
جسٽس مسرت هلالي جواب ۾ چيو ته بئريسٽر صاحب! اسان پنهنجي طاقت کان مڪمل طور ۽ ڀلي ڀت واقف آهيون.
ٻئي پاسي ٻڌڻي دوران صحافي حفيظ الله جذباتي ٿي ويو هن چيو ته سندس پٽ حسان نيازي گم آهي، ساڻس ملاقات نه پئي ڪرائي وڃي، مون کي رات جو ننڊ نٿي اچي.
حفيظ الله نيازي عدالت آڏو هٿ ٻڌي چيو ته سندس پٽ سان ملاقات نه پئي ڪرائي وڃي، جنهن تي عدالت اٽارني جنرل کي حسان نيازي بابت تفصيل معلوم ڪري آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
ٻڌڻي دوران حامد خان چيو ته اسان رٽ پٽيشن پڻ داخل ڪرائي ڇڏي آهي، ان تي جسٽس محمد علي مظهر چيو ته فلحال ته بئنچ تي ئي اعتراض ٿي رهيو ته نوَ رڪني لارجر بئنچ ٺهندي يا ڇهه رڪني بئنچ ئي ڪيس ٻڌندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.