آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر ايران سان ڪاروبار ڪندڙ ملڪن کي خبردار ڪري ڇڏيو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر ايران سان ڪاروبار ڪندڙ ملڪن کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي، اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل چيو آهي ته ايران سان ڪاروبار ڪندڙ ملڪن کي ممڪن پابندين کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.
آمريڪي پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل پريس رليز موجب واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل کان هڪ صحافي سوال ڪيو ته ايراني صدر پاڪستان جي دوري تي آهي ۽ سندس دوري دوران ايراني صدر پاڪستان جي دوري تي آهي.
جنهن جي جواب ۾ پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل واضح ڪيو ته ايران سان ڪاروبار ڪرڻ وارن تي ممڪن پابنديون لاڳو ٿي سگهن ٿيون.
هن وڌيڪ چيو ته سمورن ملڪن کي پابندين جي امڪاني خطري کان آگاهه رهڻ جي صلاح ڏني آهي، پر پاڪستان پرڏيهي پاليسي سبب ايران سان معاملا ڏسي سگهي ٿو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.