ايراني صدر ابراهيم رئيسي پاڪستان جو دورو مڪمل ڪري سريلنڪا پهچي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايران جو صدر ابراهيم رئيسي پاڪستان جو دورو مڪمل ڪري سريلنڪا پهچي ويو آهي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاھh ۽ گورنر ڪامران ٽيسوري ڪراچي ايئرپورٽ تي ايراني صدر کي الوداع ڪيو.
ابراهيم رئيسي اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي جا دورا ڪري مختلف شخصيتن سان گڏجاڻيون ڪيون.
ايراني صدر جون صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان ملاقاتون ٿيون.
ابراهيم رئيسي پيپلز پارٽي جَي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جَي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز سان به ملاقاتون ڪيون.
ملاقاتن دوران پاڪ-ايران لاڳاپن سميت وچ اوڀر جِي صورتحال تي خيالن جِي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ابراهيم رئيسي دوري دوران ڪراچي ۾ مزار قائد ۽ لاهور ۾ مزار اقبال تي حاضري پڻ ڀري، ۽ واپس روانو ٿيو.
ايراني صدر ابراهيم رئيسي جَي دوري دوران پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ مختلف معاهدن ۽ يادداشت نامن تي صحيحون ٿيون.
رات ڪراچي ۾ ترسڻ کانپوءِ صبح سوير ايراني صدر سريلنڪا لاءِ روانو ٿيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.