ايران، انڊيا ۽ افغانستان سان معاملا ٺيڪ ٿي وڃن ته پابنديون مسئلو نه آھن

اسلام آباد (اعزاز سيد) پاڪستان جا پاڙيسري ملڪن ايران سان واپار وڌڻ، هندستان ۽ افغانستان سان معاملا ٺيڪ ٿيڻ ۽ چين سان جاري تعلقات مستحڪم ٿيڻ کانپوء آمريڪي پابنديون لڳڻ سان ڪو مسئلو پيدا نه ٿيندو۔  اها ڳالھ سمورا سفارتڪار ڪري رهيا آھن۔ ان سان عوام جو ڀلو ٿيندو۔ ايراني صدر جو دورو وڏي اهميت رکي ٿو خاص طور تي پاڪستان اندر ايران جي حملي ۽ پاڪستان جي جوابي حملي، اسرائيل ۽ ايران جي تنازعي ۽ هڪٻئي تي حملن بعد هي دورو ڪافي اهم آھي ۽ هن دوري ۾ پاڪ-ايران گيس پائيپ منصوبي تي ڳالهيون ٿينديون جنهن لاء ايران عالمي ثالثي عدالت ۾ ويو ته پاڪستان کي 18-کان 22-ارب ڊالر ڏنڊ پوندو۔ ايران اهو حملو غازا تي اسرائيلي حملي جو جواب ڏيڻ لاء نه پر دمشق تي اسرائيلي حملي جي پلاند ۾ ڪيو آھي۔ جڏهن ته پاڪستان جون پاڙيسري ملڪن افغانستان ۽ ايران سان جهڙپون ٿيون آھن ۽ هندستان سان لاڳاپا اڳ ۾ ئي خراب آھن۔ بدخواه چاهين ٿا ته پاڪستان پاڙيسري ملڪن سان جهيڙو جاري رکي۔ ايران ۽ سعودي عرب هڪٻئي سان هٿ ملائي تاريخي قدم کنيو آھي۔ ان ٺاه جي نتيجي ۾ پاڪستان جيڪو شيعا-سني جهيڙي جو ميدان بڻيل هو اهو معاملو ختم ٿي ويو آھي ۽ اسان لاء آسانيون پيدا ٿيون آھن۔ ايران انتهائي طريقي سان حماس ذريعي اسرائيل تي حملو ڪرائي اسرائيل ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٿيندڙ ابراهمڪ معاهدي کي ناڪام بڻايو۔ فلسطين-اسرائيل تنازعي بعد ابراهمڪ معاهدو پوئتي هليو ويو۔ اسرائيل اڌ غازا تي قبضو ڪري ورتو آھي ۽ 30-هزارن کان مٿي فلسطيني به اجل جو شڪار ٿي ويا آھن۔

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 24 اپريل 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.