پاڪستان تاريخ ۾ پھريون ڀيرو خودمختيار فيصلا ڪرڻ لڳو؟

اسلام آباد( عاصمه شيرازي) ايران جي صدر جو پاڪستان جو دورو ۽ پاڪستان پاران ايران سان اقتصادي ۽ معاشي تعلقات قائم ڪرڻ متعلق پاڪستان جو فيصلو آمريڪي پابندين ۽ ھاڻوڪي ايران / اسرائيل ڇڪتاڻ  جي پس منظر ۾ انتھائي اھميت اختيار ڪري ويوآھي، جنھن کي بين الاقوامي سطح تي پڻ انتھائي گھرائي ۽ دلچسپيءَ سان ڏٺو ٿو وڃي، ايران جي صدر جو دور انھيءَ حوالي سان بھ اھم آھي تھ ان دوري ۾ ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گيس پائپ لائن جي حوالي سان پڻ اھم پيش قدمي ٿيندي، ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گيس پائپ لائن جو اھڙو منصوبو 2010ع ۾ ان وقت جي صدر آصف علي زرداريءَ جي دور ۾ شروع ٿيو ھو ۽ اتفاق سان ھن وقت  بھ ملڪ جو صدر آصف علي زرداري آھي، جيڪڏھن پاڪستان ايران سان تعلقات وڌائي اقتصادي ۽ معاشي شعبن سميت ٻين شعبن ۾ بھ ڪي معاعدا ڪري ٿو تھ ان جو مقصد اھو ٿيندو تھ پاڪستان پنھنجي پيرن تي بيھي ۽ پنھنجي طاقت جي بنياد تي ملڪي تاريخ ۾  پھريون ڀيرو ڪي خودمختيار فيصلا ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، جيڪا ڳالھھ سمورن سياسي حلقن ۽ بين الاقوامي تجزيھ ڪارن لاءِ ڪافي حيرت جھڙي آھي، ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ گيس پائپ لائن جي منصوبي جو اصل ۾ آغاز 90 جي ڏھاڪي ۾  محترمھ بينظير ڀٽو جي دور ۾ شروع ٿيو ھو ۽ ان وقت ھندستان بھ انھيءَ منصوبي جو حصو ھيو، ڇو جو ھندستان بھ پنھنجي گيس جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ايران کان گيس حاصل ڪرڻ پئي گھري پر ھندستان کي سواءِ پاڪستان جي ٻيو ڪوبھ زميني رستو نھ آھي جيڪو کيس ايران کان گيس فراھم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي، ھن وقت جيڪڏھن پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ گيس پائپ لائن کي مڪمل ڪرڻ جو منصوبو عمل ھيٺ اچي ٿو تھ عين ممڪن آھي تھ پاڪستان ۽ ھندستان جا لاڳاپا پڻ بھتريءَ طرف اچن، ڇو جو ھندستان اھڙو موقعو ڪنھن بھ طور تي نھ وڃائيندو تھ ايران کان سستي گيس حاصل نھ ڪجي. ھاڻي سوال ھي آھي تھ ڇا پاڪستان آمريڪا جي پابندين ھوندي اھڙو ڪو قدم کڻي سگھي ٿو؟جڏھن تھ آمريڪا پاران پاڪستان ۽ ايران جي اھڙي قدم تي سخت رد عمل جو اظھار ڪيو ويو آھي آمريڪي اختيارين جو چوڻ آھي تھ آمريڪا گذريل ويھن سالن کان پاڪستان لاءِ ھڪ انتھائي وڏي سيڙپڪار جي حيثيت ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪندو رھيو آھي، جڏھن تھ پاڪستان جي شين جي وڌ کان وڌ برآمدي منڊي بھ آمريڪا آھي، آمريڪا اختيارين جيتوڻيڪ سڌي نموني پاڪستان کي ڪا تنبيھھ نھ ڪئي آھي پر اڻ سنڌ نموني پاڪستان کي اھو بانور ضرور ڪرايو آھي تھ جيڪڏھن پاڪستان ڪنھن ٻئي ملڪ سان ڪي بھ اقتصادي ۽ معاشي تعلقات وڌايا تھ ان جا کيس اڳرا نيتجا ڀوڳڻا پوندا. پاڪستان جا ايران سان ھن وقت ھڪ ارب ڊالرز جا معاشي ۽ اقتصادي معاھدا زير عمل آھي جڏھن تھ اھڙن معاھدن ۾ واڌ 10- ارب ڊالرز تائين متوقع آھي. ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جيڪڏھن گيس پائپ لائن سميت ٻين شعبن ۾ بھ ڪي معاھدا آخرين شڪل اختيار ڪري وٺن ٿا تھ پوءِ عين ممڪن آھي تھ پاڪستان کي آمريڪا پاران ايران سان تعلقات نھ واڌئن واري معاھدي کي ٽوڙن جي عيوض جيڪا چٽي رکيل آھي اھا ڀرڻي پئي، جيڪا عين ممڪن آھي تھ پاڪستان جي وس کان ٻاھر ھوندي، اھڙي صورتحال ۾ پاڪستان کي انتھائي ڌيان سان قدم کڻڻ جي ضرورت آھي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 24 اپريل 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.