روس جو نائب بچاءُ وارو وزير رشوت وٺڻ جي الزام هيٺ گرفتار

ماسڪو ( ويب ڊيسڪ ) روسي ڊپٽي بچاءُ وارو وزير تيمور ايوانوف کي رشوت وٺڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو.
روسي بچاءَ واري وزارت موجب تِيمور ايوانُو کان رشوت وٺڻ جي جاچ جاري آهي پر روسي اختيارين اهو واضح ناهي ڪيو ته نائب بچاءَ واري وزير ڪنهن کان رشوت ورتي ۽ ڪيتري رقم ورتي.
روسي اختيارين موجب، گرفتاري جو مطلب آهي ته تيمور ايوانو رشوت ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ملين روبل يعني 30 لک رپيا رشوت ورتي آهي،ان ڏوهه جي سزا وڌ ۾ وڌ 15 سال قيد آهي.
48 سالن جي تيمور ايوانو کي 2016 ۾ صدارتي آرڊر ذريعي ڊپٽي بچاءُ جو وزير مقرر ڪيو ويو هو، ان حيثيت ۾ فوجي تعميراتي ڪمپليڪس جي تعمير جي نگراني پڻ ڪئي هئي.
فوربز ميگزين موجب تيمور سائبرنيٽڪس ۽ ايٽمي صنعت سان لاڳاپيل معاملن جو ماهر آهي ۽ روسي سيڪيورٽي اهلڪارن ۾ امير ترين ماڻهن مان هڪ آهي.
دفاع جي وزارت ۾ ڪم ڪرڻ کان اڳ، هو ٻارڻ ۽ توانائي جي ڪمپنين ۽ ماسڪو جي علائقائي حڪومت سان لاڳاپيل هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.