پاڪ – ايران گئس پائيپ لائين تي پراسرار خاموشي؟

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) ايراني صدر سيد ابراهيم رئيسي پاڪستان جي دوري جي ٻئي ڏينهن ڪالهه ڪراچي پهچي پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري فاتحه  خواني ڪئي. دوري جي پهرين ڏينهن سومر تي هن صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف عاصم منير سان ملاقاتون ڪيون، جنهن دوران سرحد پار دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قدمن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار جو حجم وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نون اقتصادي زونن جي قيام سميت 8 مختلف معاهدن تي صحيحون ڪيون. ايراني صدر اهڙي وقت ۾ دورو ڪري رهيو آهي جڏهن اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي ۽ ٻنهي ملڪن هلندڙ مهيني هڪ ٻئي خلاف سڌي ريت هوائي حملا ڪيا آهن. صدر ابراهيم رئيسي جو پاڪستان جو دورو اهم آهي ڇو ته هن سال جنوري ۾ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ ان وقت به پيدا ٿي جڏهن ٻنهي ملڪن دهشتگردن خلاف ڪارروايون ڪندي هڪ ٻئي جي سرزمين تي ميزائل حملا ڪيا. ٻئي ملڪ ماضي ۾ هڪ ٻئي تي دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ جا الزام لڳايا آهن. دوري دوران امڪان هو ته  ايران-پاڪستان گئس پائيپ لائين منصوبي بابت اڳڀرائي ڪئي ويندي پر ملاقات يا گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ان اهم منصوبي جو ذڪر نه ڪيو ويو. ان صورتحال کانپوءِ ڪيترائي سوال اڀري رهيا آهن ته هن اهم منصوبي تي خاموشي جا سبب ڪهڙا آهن؟ ڇا پاڪستان مبينا طور تي آمريڪي دٻاءُ جي ڪري منصوبي تي بحث ڪرڻ کان لنوائي رهيو آهي يا اهو ٻنهي ملڪن جي حڪمت عملي آهي، جيڪڏهن ان اهم منصوبي تي ڳالهه ٻولهه نه ٿي رهي ته ايراني صدر جي پاڪستان جي دوري مان ٻنهي ملڪن کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟  پاڪستان ۽ ايران جي گئس لائين منصوبي تي خاموشي جا ڪهڙا سبب آهن؟ عالمي معاملن جي ماهر ڊاڪٽر هما بقائي بي بي سي سان ڳالهائيندي هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ ايران-پاڪستان گيس لائين منصوبي جو ذڪر نه ڪرڻ ٻنهي ملڪن لاءِ دانشمندي وارو قدم آهي. هن چيو ته آمريڪي پابندين جو پاڪستان تي دٻاءُ آهي پر منهنجي خيال ۾ هن دوري دوران ان معاملي تي خاموش رهڻ ٻنهي ملڪن جو عمدي فيصلو آهي.پاڪستان به ان منصوبي لاءِ مڪمل طور تي تيار ناهي ۽ ايران کي به گئس جي مستقل سپلاءِ جي قيمت مقرر ڪرڻ جو مسئلو آهي. اڳوڻي سفير مليحه لوڌي چيو ته ان معاملي تي خاموشي جو سبب ٻنهي ملڪن جا ذميوار اختياريون ئي بهتر بيان ڪري سگهن ٿيون، پر لڳي ٿو ته ٻئي ملڪ ان منصوبي سان لاڳاپيل معاملن کي موجوده صورتحال ۾ عوامي سطح تي آڻڻ نٿا چاهيون. هن چيو ته منهنجي خيال ۾ ٻنهي ملڪن پاران منصوبي تي وقت کان اڳ ڳالهه ٻولهه نه ڪرڻ هڪ سوچيل سمجهيل قدم آهي. هما بقائي  چيو ته موجوده صورتحال ۾ ايران پنهنجي سفارتي اڪيلائي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر مليحه لوڌي چيو ته پاڪستان لاءِ اهو ضروري آهي ته ايران سان ان جا لاڳاپا مضبوط رهن، ڇاڪاڻ ته اوڀر ۽ اولهه جي ٻنهي ملڪن يعني افغانستان ۽ ڀارت سان سرحد تي ڇڪتاڻ ڪنهن کان ڳجهي ناهي. هن وڌيڪ چيو ته ظاهر آهي ته آمريڪا پاڪستان ۽ ايران جي سٺن لاڳاپن مان خوش نه ٿيندو.

نوٽ: هيءَ خبر، روزاني عوامي آواز، اربع 24 اپريل 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.