ملير جي قديم ڳوٺن تي والار شروع ڪئي وئي آهي: صنعان قريشي

ملير (ڊ ر) جسقم چيئرمين صعنان خان قريشي چيو آهي ته گلشن حديد ويجهو لنڪ روڊ تي قائم ٻوڏ متاثرن جي ٽينٽ سٽي تي قبضا خور غريب  ٻوڏ متاثرن جو حق کائي رهيا آهن، قبضا ڪندڙ ٽينٽ سٽي جي زمين کي ڀڳڙن مٺ کپائي رهيا آهن، اهڙي عمل جي سخت مذمت ڪيان ٿو، ٽينٽ سٽي جي زمين تي ٻوڏ متاثرن جو حق آهي حڪومت کي گهرجي ته ان زمين تي ٻوڏ متاثرن کي گهر ٺاهي ڏنا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير ۾ ميٽ دي پريس دوران خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته ملير جي قديمي ڳوٺن تي هڪ ڀيرو ٻيهر والار شروع ڪئي وئي آهي ڳوٺاڻا پنهنجا وٿاڻ بچائڻ لاءِ جدوجهد ڪن، سوين سالن کان قائم قديم ڳوٺن تي ڳوٺاڻن جو حق آهي جيڪو انهن کي ڏنو وڃي، هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي نالي تي قائم ٽينٽ سٽي ۾ ٻوڏ متاثرن مٿان ٿيل تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيان ٿو قبضا مافيا ايترا ته بااثر آهن جو سندن خلاف ٽي ڌار ڌار ايف آءِ آر ٿيون آهن پر سندن خلاف ڪا به قانوني ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي جيڪا انتظاميه جي بي حسي ۽ نااهلي آهي. ان موقعي تي جسقم چيئرمين صعنان خان قريشي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جي جوائنٽ سيڪريٽري سجاد ڇڄڙو سان سندس ڀاءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت پڻ ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.