قديم وسندين مان سنڌين کي بي دخل ڪرڻ شرمناڪ آهي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار ۽ عبدالقادر رانٽو پنھنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي سرڪار سنڌين لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي آهي. ڪراچي جي قديم وسندين مان سنڌين کي بي دخل ڪرڻ شرمناڪ عمل آهي. سنڌ ۾ سردارن ۽ قبيلائي سسٽم  کي طاقتور ڪري ھڪڙي پاسي قبيلائي دھشتگردي وسيلي مسڪين ماڻھن جو قتلام جاري آھي ته ٻئي پاسي سنڌ حڪومت ڌاڙيل راڄ کي انڊسٽري جو درجو ڏئي  سنڌ کي ڌاڙيلن حوالي ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ مٿان ون يونٽ دور کان وڌيڪ خطرنا يلغار ڪئي وئي آھي. شھيد صحافي جان محمد مھر جا قاتل اڃان تائين گرفتار نه ناهن ڪيا ويا، پريا ڪماري سميت ڪيترائي مغوي ڌاڙيلن وٽ يرغمال آھن جن کي اڃان تائين بازياب ناهي ڪرايو ويو. سنڌ حڪومت جي جوڙيل جي آئي ٽي سردارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ جوڙيل جي آئي ٽي مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي. سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني خراب حڪمراني جو نتيجو آهي. هنن چيو ته ڌاڙيلن کي جديد هٿيار پهچائڻ ۾ پوليس، انتظاميا ۽ سردار ملوث آهن. سنڌ حڪومت ڌاڙيلن جي سرپرست سردارن کي تحفظ فراهم ڪري رهي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ناجائز ڌاڙو هڻي رهيو آهي. ڌاڙيل ڪينالن ذريعي سنڌ جو پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي. ارسا ايڪٽ ترميم واپس وٺي سنڌ کي پنھنجي حصي جو جائز پاڻي ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.