ايران کي سيڙپڪاري جي آڇ، ترقي جو سفر سنڌ جي سرزمين کان شروع ٿيندو

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا صدين تي ٻڌل آهن، خطي جي ترقي جو سفر سنڌ جي سرزمين کان شروع ٿيندو. هن اها ڳالهه اسلامي جمھوريھ  ايران جي صدر محترم ابراهيم رئيسي جي اچڻ تي وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ شاندار ۽ پروقار تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اها منهنجي لاءِ فخر ۽ اعزاز جي ڳالهه آهي ته مان اڄ برادر ملڪ جي صدر کي ڀليڪار ڪري رهيو آهيان، جيڪو پاڪستان جو بھترين دوست، ھمدرد ۽ محسن آھي. وڏي وزير چيو ته مان ايران جي صدر جناب ابراهيم رئيسي کي سنڌ جي عوام جي طرفان ڀليڪار چوان ٿو، مان توهان کي ۽ توهان سان گڏ آيل وفد کي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي پهچڻ تي ڀليڪار ڪريان ٿو. وڏي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا صدين تي ٻڌل آهن، اسان جي وچ ۾ مذهبي، علمي، ثقافتي ۽ معاشي لاڳاپا قائم آهن ۽ وقت سان گڏ وڌيڪ گهرا ٿيندا پيا وڃن. سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان ۽ ايران هڪ ٻئي جي خلوص سان مدد ڪئي آهي. هن چيو ته سندس تنظيم پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو هميشه ايران سان لاڳاپن کي اهميت ڏني. سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري سدائين ايران کي قابل اعتماد ۽ وفادار دوست سمجهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه پاڪ ايران دوستي جي اهميت ۽ ضرورت کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وڏي وزير چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي نظر ۾ خطي ۾ ترقي تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن سمورا ملڪ گڏجي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪن. بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي پرڏيهي وزير جي حيثيت سان ايران جي دوري دوران گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ هر سطح تي لاڳاپن کي وڌائڻ تي زور ڏنو. سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان ۽ ايران تاريخ جي هڪ اهم دور مان گذري رهيا آهن، جتي ڀائيچاري، اتحاد ۽ گڏيل سهڪار جي اهميت آهي، اسان دهشتگردي، غير قانوني واپار، ماحولياتي تبديلي ۽ ان جي ناڪاري اثرن، فلسطين ۽ ڪشمير ۾ وڌندڙ ظلم ۽ ڏاڍ سميت مختلف مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. مان توهان کي يقين ڏيان ٿو ته سنڌ ايران سان تعليمي، ثقافتي، سماجي ۽ معاشي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. وڏي وزير چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته واپار ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته توهان جي ذريعي مان ايران ۾ رهندڙ پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته سنڌ ۾ سيڙپڪاري جا نادر موقعا موجود آهن ۽ سنڌ سيڙپڪاري لاءِ محفوظ ۽ پرڪشش جڳهه آهي. هن وڌيڪ چيو ته مون کي اميد آهي ته نه رڳو پاڪستان پر خطي جي ترقي جو سفر سنڌ جي سرزمين تان شروع ٿيندو. سنڌ جي وڏي وزير فارسيءَ ۾ چيو ته ’جناب رئیس عزیز ، قلب و ذهن پاکستانی ها همیشه به روی شما باز خواهد بود  ۔‘‘مطلب ته محترم صدر صاحب، پاڪستانين جي دل ۽ دماغ توھان لاءِ هميشه کليل رهندا. ان کان پھرين اسلامي جمهوريه ايران جي صدر محترم ابراهيم رئيسي جي وزيراعليٰ هائوس پھچڻ تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري، صوبائي وزيرن، شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر حسين شاهه، سيد سردار شاهه، سعيد غني، ڄام خان شورو ۽ ٻين شاندار آجيان ڪئي. ايران جي صدر ابراهيم رئيسي شاندار آجيان ڪرڻ تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جا پڻ ٿورا مڃيا. ان کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران وزيراعليٰ هائوس ۾ ايران جي صدر محترم ابراهيم رئيسي جي اعزاز ۾ هڪ شاندار ۽ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ 900 کان وڌيڪ معززين شخصيتن شرڪت ڪئي.. اسلامي جمهوريه ايران جي صدر عزت مآب ابراهيم رئيسي وزيراعليٰ هائوس جي اڱڻ ۾ منعقد ٿيل تقريب کي تاريخي خطاب ڪيو. ايراني صدر مختصر خطاب ۾ چيو ته دنيا جي ڪا طاقت پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا ختم نه ٿي ڪري سگهي. ايراني صدر سان بلاول به ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن تي ڳالهه ٻول ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.