ايم آر ڊي تحريڪ چٿڻ لاءِ ڌاڙيل راڄ کي جنرل ضياءَ هٿي ڏني

ڪراچي (ذوالفقار ٻٻر) اڳوڻي فوجي آمر جنرل ضياءُ الحق پنهنجي مارشل لا دوران پيپلزپارٽي جي ايم آر ڊي تحريڪ کي ڪچلڻ ۽ ان  ڏانهن عوام جو ڌيان هٽائڻ لاءِ ڏکڻ پنجاب ۽ اتر سنڌ جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيل پاليا. ضيا حڪومت ڪچي ۾ کين آباد ڪيو، جنهن بعد سندن رابطو ڪي پي ۽ افغانستان جي دهشتگردن سان ڪرايو. ان چين وسيلي ملڪ ۾ هٿيار ۽ منشيات سميت هر برائي آئي. ڌاڙيل ڪلچر پئدا ڪرڻ جو مقصد ايم آر ڊي تحريڪ کي نقصان پهچائڻ هو ته جيئن پ پ اقتدار ۾ نه اچي سگهي، پوءِ انهن جي سرپرستي وڏيرن ۽ جاگيردارن حوالي ڪئي وئي. جن پنهنجيون پاٿاريون ٺاهيون ۽ ڌاڙيلن کي استعمال ڪيو. ضياءُ حڪومت جي خاتمي کانپوءِ ڪجهه ڌاڙيل پاليندڙ وڏيرا شهيد بينظير ڀٽو جي دور ۾ پيپلزپارٽي ۾ آيا پر سندس شهادت کانپوءِ آصف زرداري جي سربراهيءَ ۾ سمورا سردار، وڏيرا ۽ جاگيردار پ پ ۾ شامل ٿي ويا آهن. هاڻي انهن وڏيرن جو ڌاڙيلن تي هٿ آهي. کين افغانستان ۽ ڪي پي ڪي مان اينٽي ايئر ڪرافٽ گنز ۽ ٻيا جديد هٿيار ملن. هنن وٽ فوج جي مقابلي جهڙا هٿيار موجود آهن، جيڪي پوليس وٽ به ناهن. پوليس ۽ رينجرز ۾ به ڌاڙيلن جا مخبر آهن. ڌاڙيلن خلاف گرينڊ آپريشن جو اختيار رينجرز حوالي ڪيو وڃي ۽ ان جي نگراني ڪراچي جي ڪور ڪمانڊر حوالي ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.