عدليه ۾ ايجنسين جي مداخلت:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران ڀرپور ردعمل ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فل ڪورٽ اجلاس ۾ اعليٰ عدليه جي معاملن ۾ ڳجهن ادارن جي مداخلت تي ڀرپور ردعمل ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن  پاران لکيل خط جي معاملي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فل ڪورٽ اجلاس ٿيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عدليه ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت جو اداري طرفان سخت جواب ڏنو ويندو. ان حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ متفقه طور تي تجويزون سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪلڻ جو به فيصلو ڪيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سمورن ججن فل ڪورٽ اجلاس ۾ انٽيليجنس ادارن جي عدالتي معاملن ۾ مبينا مداخلت ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي ۽ مستقبل ۾ اهڙي مداخلت جو سخت جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. فل ڪورٽ اجلاس ۾ سمورن ججن پنهنجون تجويزون پيش ڪيون جيڪي مقرر وقت کان اڳ ڊرافٽ جي صورت ۾ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايون ويندون. عدالتي معاملن ۾ انٽيليجنس ايجنسي جي آفيسرن جي مبينا مداخلت جي معاملي تي 6 ججن سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي خط لکيو هو، جنهن بعد پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي جي روشني ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فل ڪورٽ اجلاس ٿيو، جنهن جي سربراهيءَ چيف جسٽس عامر فاروق ڪئي. فل ڪورٽ سيشن ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب، جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس بابر ستار، جسٽس سردار اعجاز اسحاق، جسٽس ارباب محمد طاهر ۽ جسٽس تمن رفعت امتياز سميت سمورن ججن شرڪت ڪئي. جڏهن ته رجسٽرار هاءِ ڪورٽ کي اجلاس ۾ شرڪت جي اجازت نه ملي سگهي. فل ڪورٽ اجلاس ۾ ججن پاران عدليه ۾ مداخلت روڪڻ لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو. سمورن ججن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته عدالتي معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت جو اداري ذريعي جواب ڏنو وڃي. هاءِ ڪورٽ جي اهلڪار موجب، اجلاس ۾ انٽيليجنس ادارن جي مداخلت روڪڻ لاءِ مختلف قدم کڻڻ جي تجويزن تي به غور ڪيو ويو. منظور ڪيل تجويزن کي ڊرافٽ جي صورت ۾ حتمي شڪل ڏئي مقرر تاريخ کان اڳ سپريم ڪورٽ ڏانهن اماڻيو ويندو. ذريعن موجب فل ڪورٽ اجلاس ۾ تجويزن تي ڪو به اختلاف نه ٿيو ۽ فل ڪورٽ اجلاس انتهائي خوشگوار ماحول ۾ ٿيو،خط تي صحيح نه ڪندڙ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب به اجلاس ۾ شريڪ هو،فل ڪورٽ اجلاس تقريبن اڍائي ڪلاڪ جاري رهيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فل ڪورٽ اجلاس جي پڌرائي ۾ چيو ويو ته هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط جي حوالي سان سپريم ڪورٽ پاڻمرادي نوٽيس ڪيس دوران هاءِ ڪورٽ جو گڏيل موقف به پيش ڪيو ويندو.

نوٽ: هيءَ خبر، روزاني عوامي آواز، اربع 24 اپريل 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.