”اداڪاري کان پهريان نرسري اسڪول ۾ ٻارن جا ڊائپر تبديل ڪندي هيس“

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا ڪيارا ايڊواني انڪشاف ڪيو آهي ته شوبز ڪيرئر کان پهريان نرسري اسڪول ۾ ٻارن جا ڊائپر تبديل ڪندي هيس.
تازي انٽرويو ۾ اداڪارا پنهنجي ماضيءَ تي گفتگو ڪندي ٻڌايو ته اداڪاري ۾ اچڻ کان پهريان والده جي نرسري اسڪول ۾ ملازمت ڪئي.
ڪيارا ايڊواني جو چوڻ هو ته اسڪول ۾ نظمون پڙهائڻ ۽ ٻارن جو خيال رکڻ ذميواري هئي، ايتري قدر جو ڊائپر به تبديل ڪرڻا پوندا هئا.
اداڪارا چيو ته فلم “ڪبير سنگهه” ۾ هن کي ڳوڙهاري ڇوڪري جي ڪردار تي وڌيڪ محنت نه ڪرڻي پئي، ڇو ته هوءَ پهرئين ئي اسڪول ۾ ٻارن سان گڏ ڪم ڪري چڪي هئي.
واضح رهي ته ڪيارا ايڊواني جي خاندان ۾ ڪوبه فرد شوبز ۾ ناهي، اداڪارا پنهنجي سڃاڻ پاڻ ٺاهي آهي ۽ هاڻ هوءَ جلدي تيلگو ڊيبيو ڪرڻ وڃي پئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.