رٽائرڊ رانديگر هاڻ به موجودا ٽيم کان بهترين آهن: سلمان بٽ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڪپتان سلمان بٽ نيوزيلينڊ خلاف پاڪستان جي شڪست تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
هڪ پوڊ ڪاسٽ دوران پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪامينٽيٽر سلمان بٽ چيو ته ماڻهو پڇي رهيا هئا ته رٽائرڊ رانديگرن کي واپس ڇو آندو ويو؟ جواب اوهان جي آڏو آهي.
هن چيو رٽائرڊ رانديگر هنيئر به پاڪستاني ٽيم جي موجودا رانديگرن کان گهڻو بهتر آهن ۽ وٽن تجربو پڻ آهي.
واضح رهي ته نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ قومي ٽيم جي شڪست تي اڳوڻا ڪرڪيٽ توڻي مداح ٽيم تي ڇتي تنقيد ڪري رهيا آهن.
ميچ ۾ ڊگهي عرصي کانپوءِ واپسي ڪندڙ محمد عامر ۽ عماد وسيم کي آرام ڏنو ويو هو جڏهن ته وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان انجري جو شڪار ٿي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.