خوشحالي مائيڪرو فنانس بينڪ پاران موسمياتي تبديلين خلاف وڻڪاري مهم

ڪراچي (پ ر) خوشحالي مائيڪرو فنانس بينڪ لميٽڊ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وڻڪاري مهم هلائي. لاڙڪاڻي، ميهڙ، محرابپور، رتوديرو، شهدادڪوٽ ۽ قمبر ۾ خوشحالي بينڪ جي برانچز مهم ۾ حصو ورتو. شريڪ ٿيلن ساوڪ ۽ صحتمند ماحول ۽ وڌندڙ موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مختلف جاين تي وڻ لڳايا.

وڻڪاري مهم ۾ مختلف جاين تي ٻوٽا لڳايا ويا جن ۾ نم، ڪانوڪارپس، يوجينيا ۽ ٻيا وڻ شامل هئا. ٻوٽن جا هي قسم اهڙيون خاصيتون رکن ٿا جيڪي کين ٻين ٻوٽن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ دير تائين جيئرو رهڻ جوڳو بڻائين ٿيون.

ان موقعي تي خوشحالي مائيڪرو فنانس بينڪ جي چيف بزنس آفيسر محمد آفتاب عالم چييو ته مان وڻڪاري مهم دوران پنهنجي ٽيم جي شرڪت ۽ جوش جذبي جي واکاڻ ڪريان ٿو، اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته ماحولياتي تبديلي هڪ وڏو مسئلو آهي ۽ اسان لاءِ ضروري آهي ته اسان پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ مسئلي جو حل ڪڍون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.