ايراني صدر ڪراچي پهچي ويو، قائداعظم جي مزار تي حاضري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر ابراهيم رئيسي ڪراچي پهچي ويو ۽ هن قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري.
ايراني صدر ايئرپورٽ پهتو، جتي آجيان ڪندڙن ۾ آصفه ڀٽو زرداري، عذرا پيچوهو، شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، سعيد غني، سردار شاهه ۽ ٻيا موجود هئا.
ايراني صدر اتان گورنر هائوس پهتو، پوءِ قائداعظم جي مزار تي ويو، جتي هن گلن جي چادر چاڙهي ۽ ڪتاب ۾ تاثر قلمبند ڪيا.
پوءِ ايراني صدر ابراهيم رئيسي وزيراعليٰ هائوس پهتو، جتي مراد علي شاهه، شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، سعيد غني، ڄام خان شوري سندس آجيان ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.