هاڪي فيڊريشن جو ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وڃڻ وارو مامرو، حڪومت اهم فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت پاڪستاني هاڪي فيڊريشن جي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وڃڻ وارو معاملو طئي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
پاڪستان جي قومي راند هاڪي هن وقت ڳڻتي جوڳي صورتحال مان گذري رهي آهي ۽ ملڪ ۾ هن وقت هڪ ئي وقت ٻه فيڊريشن موجود آهن.
اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ لاءِ هڪ ڪئمپ ڪراچي ۽ ٻي اسلام آباد ۾ لڳائي وئي آهي، پر هاڻ مسئلي جي حل لاءِ وزرراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود ميدان ۾ اچي ويو آهي.
نجي ٽي وي چئنل سان گفتگو ڪندي راڻا مشهود چيو ته هاڪي ۾ ٻن ڌڙن واري صورتحال افسوسناڪ آهي، 25 اپريل تي ٻنهي فيڊريشن جي نمائندن کي اسلام آباد طلب ڪيو آهي.
هن اميد ظاهر ڪندي چيو ته حڪومتي پليٽ فارم تي قومي راند جو مسئلو حل ڪري وٺنداسين، حڪومت ان فيڊريشن جو ساٿ ڏيندي جنهن سان ڊپارٽمينٽ گڏ هوندا ۽ جيڪا آئين مطابق هوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.